- Advertisement -
غزه ۾ جاري اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ 50 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا.
خابرو اداري موجب غزه تي اسرائيلي بمباري ۾ 52 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿيا آهن.
غزه جي مصطفيٰ اسڪول ۾ پناهه ورتل ڪيترن ئي بي گهر ماڻهن تي حملي ۾ 12 ڄڻا شهيد ٿي ويا، دير البلاح مارڪيٽ ۾ هوائي حملي ۾ 8 ڄڻا، جڏهن ته رفاح ۽ بريج ۾ بمباري ۾ ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب غزه تي اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو انگ 40 هزار 173 ٿي ويو، جڏهن ته 92 هزار 857 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن.- Advertisement -
