تازه ترين

صدر ۽ وزيراعظم طرفان زائرين جي بس سان پيش آيل حادثي تي ڏک جو اظهار

- Advertisement -
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ 35 جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر پاران جاري ڪيل بيان موجب صدر آصف علي زرداري ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي بس سان پيش آيل حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي مرحومين لاءِ مغفرت جي دعا ڪندي وارثن سان ڏک جو اظهار ڪيو. صدر پرڏيهي وزارت کي فوتين جي ميتن کي پاڪستان آڻڻ ۽ زخمين لاءِ بروقت طبي امداد پهچائڻ جي به هدايت ڪئي. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿي ويلن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪندي تهران ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي متاثر خاندانن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.8 ° C
31.8 °
31.8 °
12 %
1.8kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون