- Advertisement -
خيرپور جي سيشن ڪورٽ نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلڻ جوڳو قرار ڏيندي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بيئنچ کي فيصلو ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو.
سيشن ڪورٽ ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلڻ جوڳو قرار ڏيندي فيصلو ڪرڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ کي خط لکي ڇڏيو.
عدالت جو چوڻ آهي ته ڪيس اي ٽي سي ۾ هلڻ جوڳو آهي، جنهن ڪري هاءِ ڪورٽ فيصلو ڪندي ته ڪيس ڪهڙي عدالت ۾ هلڻ گهرجي.
واضح رهي ته دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ بعد ڪيس اي ٽي سي ۾ نه هلڻ جوڳو قرار ڏيندي سيشن ڪورٽ منتقل ڪيو.- Advertisement -
