- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ايم پي اي جميل سومرو ايران ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطو ڪيو آهي.
جميل سومرو پاڪستاني سفارتخاني کان دهشير تفتان چيڪ پوسٽ ويجهو لاڙڪاڻي جي پانڌيئڙن سان پيش آيل افسوسناڪ حادثي جا تفصيل ورتا.
پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن سنڌ اسيمبلي جي ميمبر جميل سومرو کي ايران ۾ حادثي جي شهيدن ۽ زخمين جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو.
پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي ميمبر جميل سومرو سفارتخاني جي آفيسرن کي حادثي بابت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو.
جميل سومرو پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن کي چيو ته حادثي ۾ فوت ٿيلن جا مڙهه ڏيهه منتقلي ۽ زخمين جي علاج لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.- Advertisement -
