تازه ترين

دهشتگردي جي واقعن جو خاتمو ٿي چڪو هو بدقسمتيءَ سان ڪجهه ورهين ۾  غلطين سبب دهشتگردي ٻيهر آئي:وزيراعظم شهبازشريف

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته دهشتگردي جي واقعن جو خاتمو ٿي چڪو هو بدقسمتيءَ سان ڪجهه ورهين ۾  غلطين سبب دهشتگردي ٻيهر آئي، حالتون  ڪيتريون به ڏکيون ڇو نه هجن، قومون عزم ڪن ته بحرانن مان نڪري سگهن ٿيون، قومي اتفاق ۽ اتحاد سان اڳتي وڌڻو پوندو،  ترقي جي چاٻي نوجوانن جي هٿن ۾  آهي، بجلي ۾ رليف واري معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، قوم کي اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ قومي يوٿ ڪنويشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهابزشريف چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 70 هزار  پاڪستانين جانين جا نذرانا ڏنا، هو هر صورت دهشتگردي جو خاتمو ڪندا، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ چئني صوبن قربانيون ڏنيون. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن جو خاتمو ٿي چڪو هو بدقسمتيءَ سان ڪجهه ورهين ۾  غلطين سبب دهشتگردي ٻيهر آئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 150 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو ۽ رڳو 20 ارب ڊالر مليا. شهبازشريف چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ آزاديءَ جو ڏهاڙو ملهايو، ارشد نديم چاليهن ورهين کانپوءِ پيرس اولمپڪس ۾ گولڊ ميڊل کٽي جشن آزاديءَ جي خوشين کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته حالتون  ڪيتريون به ڏکيون ڇو نه هجن، قومون عزم ڪن ته بحرانن مان نڪري سگهن ٿيون، قومي اتفاق ۽ اتحاد سان اڳتي وڌڻو پوندو. شهبازشريف چيو ته پاڪستان جي ترقيءَ جي ڪنجي نوجوانن جي هٿن ۾ آهي، نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجي جي تعليم ڏياري ويندي. وزيراعظم چيو ته دفاعي ادارن جون ملڪ لاءِ وڏيون قربانيون آهن، آرمي چيف ۽ هو گڏجي پاڪستان لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، سمگلنگ روڪڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا. شهبازشريف چيو ته بجلي ۾ رليف واري معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، قوم کي اتحاد ۽ ٻڌيءَ جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيوته سياست ۾ چاليهه سال ٿي ويا آهن، حالتن جي گهرج آهي ته سياستدان گڏجي ملڪ جي خدمت ڪن، آئيني ادارن سان گڏجي خدمت ڪرڻي پوندي نه ته ايندڙ نسل کين معاف نه ڪندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
7 %
2.7kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون