تازه ترين

ڏهن رپين کان 5 هزار تائين سمورا ڪرنسي نوٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو

- Advertisement -
ڏهن رپين کان 5 هزار تائين سمورا ڪرنسي نوٽ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس کي بريفنگ ڏيندي اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد ٻڌايو ته ڊسمبر تائين سموري ڪرنسي نئين ڊزائن موجب متعارف ڪرائي ويندي. هن چيو ته نئين ڊزائن جي ڪرنسي متعارف ڪرائڻ لاءِ وفاقي ڪابينا کان جلد منظوري ورتي ويندي. ڪميٽيءَ جي ميمبر محسن عزيز سمگلنگ روڪڻ لاءِ پنجن هزارن وارو  نوٽ بند ڪرڻ جي تجويز ڏني. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر چيو ته پنجن هزارن وارو نوٽ بند نه ڪيو ويندو، پلاسٽڪ ڪرنسي جي لائف ڪاغذ جي ڪرنسي کان بهتر ثابت ٿي ته مستقبل ۾ اها ئي استعمال ٿيندي. جميل احمد چيو ته نون ڪرنسي نوٽن ۾  سمورا نوان فيچرز متعارف ڪرايا ويندا، پلاسٽڪ ڪرنسي لاءِ پولي مر پلاسٽڪ استعمال ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
7 %
2.7kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون