تازه ترين

تحريڪ انصاف ۾ اختلاف ۽ ورهاست واضح نظر اچي رهي آهي، نو مئي وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن جون شڪليون واضح ٿي چڪيون آهن:خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۾ اختلاف ۽ ورهاست واضح نظر اچي رهي آهي، نو مئي وڳوڙن ۾ ملوث ماڻهن جون شڪليون واضح ٿي چڪيون آهن، ملڪي وحدت کي خطرو هوندو ته هر قيمت تي حفاظت ڪئي ويندي، ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي جي سخت ضرورت آهي. سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته پاڪستان جي وحدت کي خطرو آهي، هر صورت ۾ دفاع ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيو آهي، جنهن جو ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو، 9 مئي جا واقعا هزارين نه پر ڪروڙين ماڻهن ڏٺا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته 9 مئي واقعن ۾ ملوث عنصرن جو شڪليون وڊيوز ۾ واضح ڏسي سگهجن ٿيون، آمريڪا ۾ ڊيموڪريٽس اچي يا ري پبلڪنز ڪوبه فرق نٿو پئي، سندن قسمت آمريڪا کي نه پر پاڻ کي تبديلي ڪرڻي آهي. خواجا آصف چيو ته پي ٽي آءِ ۾ ورهاست ۽ اختلاف واضح ٿي رهيا آهن، تحريڪ انصاف باني جلسو ناڪام ڏسي ملتوي ڪيو، کين جلسي کان ڪنهن به نه روڪيو.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
20.6 ° C
20.6 °
20.6 °
52 %
4.5kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون