بلوچستان ۾ ڪنهن آپريشن جي ضرورت ناهي، دهشتگرد هڪ ايس ايڇ او جي مار آهن:محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته بلوچستان ۾ ڪنهن آپريشن جي ضرورت ناهي، دهشتگرد هڪ ايس ايڇ او جي مار آهن. ڪوئيٽا ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽيءَ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته هتي اچڻ جو  مطلب آهي ته هو بلوچستان جي وڏي وزير پويان بيٺل آهن، سرفراز بگٽي سپورٽ گهري آهي، ساڻس مڪمل سهڪار ڪيو ويندو. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعن سبب سڀ ڏکوي آهن، اهڙا واقعا قبولڻ جوڳا ناهن،  دهشتگردن لڪي مقابلو ڪيو. گهرو وزير چيو ته بلوچستان ۾ ڪنهن آپريشن جي ضرورت ناهي، دهشتگرد هڪ ايس ايڇ او جي مار آهن، فورسز دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻ ڄاڻن ٿيون، شر پسند اڌ ڪلوميٽر جي چونڊ ڪري لڪي حملا ڪن ٿا ۽ فرار ٿي وڃن ٿا. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير چيو ته بلوچستان ۾ ماحول سوڳوار آهي، گهرو وزير طرفان اچڻ تي هو سندس ٿورا مڃي ٿو. هن چيو ته دهشتگرد سوسائٽي ۾ ئي رهن ٿا، دهشتگرد ٽارگيٽ ڳولن ٿا ۽ بسن مان لاهي معصوم شهرين کي قتل ڪن ٿا، انهن جي خاتمي لاءِ  جيڪا به قيمت ادا ڪرڻي پئي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43%
2.5m/s
7%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون