جاگيرداڻي  نظام مضبوط هجڻ سبب هاري ترقي نه پيو ڪري: اڪرم خاصخيلي

- Advertisement -
هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر اڪرم خاصخيلي چيو آهي ته جاگيرداڻي  نظام مضبوط هجڻ سبب هاري ترقي نه پيو ڪري، جاگيردار طبقو نٿو چاهي ته هاري اڳتي وڌي، 1950 ۾ لاڳو ڪيل هارين بابت قانون تي عمل ڪرايو وڃي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي اڪرم خاصخيلي چيو ته حيدر بخش جتوئي واري جدوجھد جاري آهي. هن چيو ته کدڙن فقيرن ۽ ٻارن لاءِ قانون سازي آهي، پر هارين لاءِ ڪا قانون سازي ناهي، حيدر بخش جتوئي جي دور ۾ قانون ٺاهيو ويو پر ان تي عمل نه ٿي سگهيو آهي. سندس چوڻ هو ته زميندار هاري سان ناجائزي ڪري ٿو ته هو ڪهڙي قانون تحت وڃي ۽ در کڙڪائي. هاري ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر چيو ته ڀاڻ ٻِج ۽ ٻيا فصل تي خرچ هاري کي پريشان ڪن ٿا، فصل لهڻ بعد زميندار کي حساب ڏيڻ بعد هاري لاءِ ڪجهه نٿو بچي. هن چيو ته ٻوڏ دوران گهڻو نقصان هارين جو ٿيو آهي، کين رهڻ لاءِ گهر ناهن، هارين کي پنهنجا  گهر به نالن تي ٿيل ناهن، جنهن وقت ڳوٺ جو وڏيرو چاهي ان کي نيڪالي ڏئي ٿو ڇڏي. سندس چوڻ هو ته هارين جو ٻارڙا بهتر نموني تعليم حاصل نٿا ڪري سگهن، الميو اهو آهي ته هاري جي هر فيصلي جو حق ان جي وڏيري وٽ آهي، 2015 ۾ جبري قانون پاس ٿيو پر ان تي عمل ناهي ٿيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
4 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43%
2.5m/s
7%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون