- Advertisement -
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻئي ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسڪواڊ جو اعلان، فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي ڊراپ، اسپنر ابرار احمد ۽ فاسٽ بالر مير حمزا جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو، ٽيسٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي جو چوڻ آهي ته بنگلاديش خلاف ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، پاڪستاني ٽيم کي هر صورت ۾ ڪم بيڪ ڪرڻو پوندو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جيسن گليسپي چيو ته پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ شڪست سان مايوس ضرور آهن پر پاڪستان کي ڪم بيڪ ڪرڻو پوندو.
سندس چوڻ هو ته ٻئي ٽيست ميچ ۾ بنگلاديش کي ٽف ٽائم ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا، ابرار احمد کي 12 رڪني اسڪواد ۾ ڪنڊيشنز کي ڏسي شامل ڪيو ويو، اڄ پچ ناهي ڏٺي سڀاڻي صبح ڪنڊيشن ڏسندو.
پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو ته شان مسعود سٺو ڪپتان آهي ۽ پهرين ٽيسٽ ۾ ڊيڪلريشن به هاڪاري سيچ سان ڪئي هئي، ڪڏهن ناهي چيو ته آسٽريليا جيان پاڪستان کي کيڏڻو آهي.
هن چيو ته رانديگر پاڪستان لاءِ کيڏڻ جو جوش ۽ جذبو رکن ٿا جيڪو سندس لاءِ تمام اهم ڳالهه آهي.
پاڪستاني ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ جيسن گليسپي چيو ته شاهين آفريدي هاڻي پيءُ ٿي ويو آهي ۽ هو چاهن ٿا ته شاهين پنهنجي خاندان سان وقت گذاري، شاهين آفريدي سان اظهر محمود ڪم ڪري رهيو آهي ۽ شاهين ٽنهي فارميٽس جي ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي…………- Advertisement -
