تازه ترين

رياست کي قبول نه ڪندڙ دهشتگرد آهن، رياست خلاف ڪارروايون ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو : محسن نقوي

- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته رياست کي قبول نه ڪندڙ دهشتگرد آهن،  رياست خلاف ڪارروايون ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو، دهشتگردن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون ۽ فتني کي چٿيو ويندو، ايپڪس ڪميٽي  رياست کي نه مڃيندڙن سان سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، دهشتگردي ۾ ملوث ڪنهن به ٽولي سان  ڪا رعايت نه ٿيندي، دهشتگردن ۽ مددگارن کي سر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گورنر هائوس بلوچستان پهچي گورنر بلوچستان جعفر خان مندوخيل سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بلوچستان ۾ دهشتگردي جي هاڻوڪي واقعن جي مذمت ڪئي وئي جڏهن ته شهيدن جي وارثن سان مڪمل ٻڌي جو اظهار به ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته بلوچستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هر سطح تي فوري قدم کنيا ويندا، ايپڪس ڪميٽي ۾ فيصلو ٿيو آهي ته رياست اڳيان هٿيار ڦٽو ڪندڙن ۽ آئين کي مڃيندڙن سان ڳالهيون ٿينديون. سندس چوڻ هو ته دهشتگرد ٽولن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون ۽ فتني کي چٿيو ويندو، ايپڪس ڪميٽي ۾ رياست کي نه مڃيندڙن کي سختي سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، دهشتگردن جي واقعن ۾ ملوث ڪنهن به ٽولي سان ڪابه رعايت نه ڪئي ويندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته دهشتگردن ۽ مددگارن کي سر جو جواب پٿر سان ڏنو ويندو، رياست جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ نه ڏنو ويندو، بلوچستان جي سڪيورٽي فورسز، فرنٽيئر ڪور، پوليس ۽ ليويز جي ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو. محسن نقوي چيو ته بلوچستان مان دهشتگردن کي مڪمل طور ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، سندس ماڻهن کي شهيدن ڪندڙن کي ڀڄڻ يا لڪڻ نه ڏنو ويندو. گورنر بلوچستان چيو ته سڪيورٽي فورسز ۽ عوام هڪ پيج تي آهن، ڪجهه عنصر امن کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون