تازه ترين

پاڻي ورڇ معاملي تي وڌيڪ سازش برداشت نه ڪئي ويندي:سسئي پليجو

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ سسئي پليجو ارسا ايڪٽ ۾ امڪاني ترميم تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته پاڻي ورڇ معاملي تي وڌيڪ سازش برداشت نه ڪئي ويندي. جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ سسئي پليجو چيو ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم بعد وزيراعظم من پسند ۽ غير واسطيدار ماڻهو مقرر ڪري ان کان غلط فيصلا ڪرائيندو، اهڙو عمل سنڌ جو عوام قبول نه ڪندو. هن چيو ته پاڻي ورڇ معاهدي تي اڳ ئي عمل نه پيو ٿئي، ڪوٽڙي کان هيٺ ڊائون اسٽريم پاڻي نه ٿو ڇڏيو وڃي. سندس چوڻ هو ته پاڻي ۽ ناڻي جي ورڇ جي حوالي سان سنڌ سان ناانصافيون ٿي رهيون آهن، پر هي ارسا ترميمي ايڪٽ وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه آهي. سسئي پليجو چيو ته ايوان ۾ ويٺل سنڌ جا نمائندا، قانونسازي جي ڀرپور رستا روڪ ڪن، قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خورشيد شاهه ۽ نويد قمر زبردست موقف اختيار ڪري سنڌ جي ترجماني ڪئي آهي.. پ پ اڳواڻن چيو ته 1991ع پاڻي معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي حصو جو پاڻي نه پيو ملي، امڪاني ترميمي ايڪٽ سنڌ لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو، جنهن کي سنڌ جو عوام رد ڪري ٿو. هن چيو ته عوام جي مفاد خلاف فيصلن کي پارليامينٽ ۽ سي سي آءِ ذريعي به رد ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29 ° C
29 °
29 °
16 %
3.1kmh
6 %
ڇنڇر
27 °
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون