وفاقي پاڻي واري وزارت سدائين مرضي جا فيصلا مڃرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهندي رهي آهي:سيد مظهر علي شاهه

- Advertisement -
ارسا جي اڳوڻي چيئرمين سيد مظهر علي شاهه چيو آهي ته وفاقي پاڻي واري وزارت سدائين مرضي جا فيصلا مڃرائڻ لاءِ دٻاءُ وجهندي رهي آهي،  ارسا ۾ ڪافي غلط ڪم ٿيل آهن جنهن ڪري ارسا اڪائونٽ جي آڊٽ ڪرائي وڃي جنهن مان پتو پوندو ته ڪيترا انگ اکر غلط پيش ڪيا ويا آهن. سنڌ ٽي وي نيوز جي هفتيوار زرعي پروگرام  کيتي سر سيتي ۾ اينڪرپرسن ڪمال لاشاري سان ڳالهائيندي چيو ته اصل معاملو اختياريون  ارسا جو پاور ختم ڪرائن چاهن ٿيون. هن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته پاڻي ماهرن جي مدد سان سنڌ جو ڪيس مظبوط نموني پيش ڪري. اڳوڻي ارسا چيئرمين چيو ته ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ سنڌ جو ئي مطالبو رهيو آهي پر اهو سسٽم ۾ مٿان کان لڳايو وڃي  پر اختياريون ٽيليميٽري سسٽم صرف سنڌ ۾ لڳائڻ چاهين ٿيون. سيد مظهر علي شاهه جو چوڻ هو ته ارسا طاقتور پليٽ فارم آهي، ارسا پاڻي معاملن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ وانگر آهي. پروگرام دوران ڳالهائيندي ايوان زراعت جي اڳواڻ ۽ پروگريسو زميندار نبي بخش سٺيئيَ جو چوڻ هو ته جڏهن به ن ليگ وفاق م ايندي ته پاڻي معاملن کي ڇيڙيندي آهي. هن چيو ته ارسا بابت نگران حڪومت ۾ به ڪوشش ڪئي وئي جيڪا ناڪام ثابت ٿي. آبادگار اڳواڻ نبي بخش سٺيئيَ جو چوڻ هيو ته پاڻي معاملن سان هٿ چراند ڪري صوبن ۾ نفرت نه پکيڙي وڃي. سندس چوڻ هو ته ملڪ اڳ ئي معاشي بدحالي جو شڪار آهي ان صورتحال ۾ صوبن وچ ۾ اهڙا اشو پکيڙي اصل مسئلن تان عوام جو رخ مٽائڻ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
31%
2.4m/s
0%
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون