تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اُربام ڪراچي ۾ مزار قائد تي پهچي حاضري ڀري پاڪستان جي باني محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪئي

- Advertisement -
آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اُربام چيو آهي ته يو ايس پاڪستان گرين الائنس ذريعي گڏيل ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيندي، سندس ڪوشش آهي ته معاشي ۽ ماڻهن سان لاڳاپا بهتر بڻايا وڃن، هو تعليم ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌائن چاهي ٿو. آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اُربام ڪراچي ۾ مزار قائد تي پهچي حاضري ڀري پاڪستان جي باني محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪئي. آمريڪي قونصل جنرل قائد اعظم جي مزار تي گُل رکيا ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ آمريڪي عوام پاران پنهنجا تاثر لکيا. آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اُربام پاڪستان جي پھرين وزيراعظم لياقت علي خان ۽ قائد اعظم جي ڀيڻ فاطمه جناح جي آخري آرامگاهه تي به حاضري ڀري. آمريڪي قونصل جنرل، قائداعظم محمد علي جناح جي زندگي بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ ميوزيم جو دورو ڪندي سندس ورثي سان سلھاڙيل مختلف شين جو معائنو ڪيو. مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اُربام چيو ته کيس ڪراچي آئي گهٽ وقت ٿيو آهي، پر هو پاڪستان جي ڪلچر ۽ مهمان نواز مان تمام گهڻو خوش آهي. سندس چوڻ هو ته مزار قائد تي حاضري ڀري پاڪستان جي باني کي ڀيٽا پيش ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز جي ڳالهھ آهي. آمريڪي قونصل جنرل چيو ته آمريڪا قائداعظم جي متحد، جمهوري ۽ خوشحال پاڪستان جي ويزن جي حمايت ڪري ٿو، اڄوڪو دورو پاڪستان سان جٽادار ۽ مضبوط لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ آمريڪي عزم جو ثبوت آهي. هن چيو ته پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح برابري، سماجي انصاف ۽ معاشي موقعن کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي. آمريڪي قونصل جنرل اسڪاٽ اُربام چيو ته ٻنھي ملڪن جو عوام قائد اعظم جي انھيءَ تصور کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مختلف شعبن ۾ سھڪار وسيلي گڏجي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون