- Advertisement -
مهمند ضلعي ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي چئن خوارج پاران حملي جي ڪوشش ناڪام بڻايو ويو آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري چئني دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب، 6 سيپٽمبر جي صبح جو چئن خوارج جي هڪ ٽولي مهمند ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملي جي ڪوشش ڪئي هئي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڪيمپ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.
آءِ ايس پي آر موجب، خوارج جا چارئي آپگهاتي بمبار گهربل نقصان پهچائڻ کان اڳ ئي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪنهن ٻي دهشتگرد جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.- Advertisement -
