- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي تائين سک جو ساهه نه کڻندا، ملڪ ۾ امن امان هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.
سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ سامونڊي فوج جي ڏهاڙي تي نيول هيڊڪوارٽر جو دورو ڪري شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.
عطا تارڙ شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري گل رکيا ۽ شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ فاتح خواني پڻ ڪئي.
ان موقعي تي سامونڊي فوج جا آفيسر ۽ جوان موجود هئا.
سڌ سماءَ واري وزير عطا تارڙ پاڪستان نيوي جي شهيدن ۽ غازين کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه ٿينديون.
هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي تائين سک جو ساهه نه کڻندا، ملڪ ۾ امن امان هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ملڪي معيشيت جي استحڪام لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن، سي پيڪ معيشيت لاءِ انتهائي اهم آهي.
عطا تارڙ چيو ته سامونڊي فوج سامونڊي حدن جي حفاطٽ لاءِ پرعزم آهي، هو سمورن ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهين ٿا، سيپٽمبر جنگ جي شهيدن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي.- Advertisement -
