- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته پوليس پنهنجو ڪم ڪري رهي آهي، ڪچي جا ڌاڙيل مارجن پيا، جنهن جون شاهديون سامهون اچي رهيون آهن، ڪيس جي جاچ صحيح نه ٿيڻ جون شڪايتون ملي رهيون آهن، جاچ جو عمل بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي تجويزون ڏئي ڇڏيون آهن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ غلام غلام نبي ميمڻ چيو ته عدالت کي خدشن بابت ٻڌايو ته پوليس ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو ته جاچ جو عمل بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي تجويزون ڏئي ڇڏيون آهن، جاچ ۾ بهتري نه آئي ته پوليس جو ڪردار سواليه نشان بڻجي ويندو.
سندس چوڻ هو ته هڪ سال اڳ سنڌ حڪومت کي جاچ لاءِ 2 هزار ايس آءِ ڀرتي ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي انڪوائري ايس آءِ جي جلد ڀرتي ڪئي ويندي.
آءِ جي سنڌ چيو ته گڊو بئراج کان سکر بئراج تائين ڊرينيج جو مسئلو آهي.
هن چيو ته پوليس روزانو وڙهي پئي، ڪچي جا ڌاڙيل مارجي رهيا آهن، جنهن جون شاهديون سامهون اينديون آهن.- Advertisement -
