- Advertisement -
ڏهرڪي واسي نوجوان آرٽسٽ جون ڪراچي جي آرٽ گيلري مان چوري ٿيل پينٽنگس هڪ خانگي اردو چينل جي ڊرامي ۾ ظاهر ٿيون آهن، متاثر نوجوان جو چوڻ آهي ته آرٽ گيلري اختيارين ساڻس ڪوڙ ڳالهائي سندس پينٽنگس وڪرو ڪيون آهن، جنهن جو اعليٰ اختيارين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.
ڏھرڪي واسي فائن آرٽ جي شاگرد صفدر علي عرف سيفي سومرو چيو آهي ته سال 2017 ۾ ڪراچي ۾ ٿيندڙ نمائش ۾ سندس گم ڄاڻايل پينٽنگس اردو چينل جي ڊرامي ۾ ظاھر ٿيون آھن،
نوجوان آرٽسٽ ٻڌايو ته هن پنھنجون پينٽنگس 2017 ۾ فريئر ھال ڪراچي ۾ نمائش لاءِ ڏنيون هيون ، هڪ مهيني بعد رابطي آرٽس گيلري عملدارن چيو ته گيلري ۾ ڪجھه ڪم دوران پينٽنگس گم ٿي ويون آهن ۽ نٿيون ملن.
سيفي سومرو جو چوڻ آهي ته ھاڻي هن پنهنجون اُهي ئي ساڳيون پينٽنگس ھڪ اردو ڊرامي ۾ ڏٺيون، جيڪو اردو ٻولي جي خانگي ٽي وي چينل تي ھلي رھيو آھي.
آرٽسٽ سيفي جو چوڻ آھي ته آرٽ گيلري اختيارين پاران ساڻس ڪوڙ ڳالهايو ويو ، سندس پينٽنگس وڪرو ڪيون ويون آھن ۽ ان مان اھي منافعو پڻ ڪمائي چڪا هوندا، وس وارا نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين.
هوڏانهن فريئر هال انتظاميا موجب اِها پينٽنگ اڃا تائين گئلري ۾ موجود آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن آرٽسٽ کي لڳي ٿو ته اِها ان جي آهي ته هو رسيد ڏيکاري کڻي وڃي.- Advertisement -
