- Advertisement -
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه سوشل ميڊيا تي فيريئر هال مان پينٽنگز چوري ٿيڻ بابت هلندڙ مهم جو نوٽيس وٺندي، معاملي جي جاچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
صوبائي وزير طرفان معاملي جي جاچ لاءِ ڊي جي ڪلچر ۽ ڊي جي اينٽيڪيوٽيز تي مشتمل ٻه رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي.
ڪميٽي سموري معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي.
صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته نوجوان آرٽسٽ جي پينٽنگز غائب ٿيڻ جي خبر سوشل ميڊيا تان پئي آهي.
سندس چوڻ هو ته معاملي تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا رپورٽ پيش ڪندي.
صوبائي وزير جو چوڻ هو ته واقعي جي حقيقت اڳيان اچڻ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته جاچ ۾ جيڪڏهن ڪنهن جي غفلت يا ڪوتاهي ثابت ٿي ته ان خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
صوبائي وزير ذوالفقار علي شاهه جو چوڻ هو ته نوجوان آرٽسٽ سندن سرمايو آهن ناانصافي برداشت نه ڪندا.- Advertisement -
