تازه ترين

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد تي جشن  عيد ميلاد النبي ملهايو پيو وڃي

- Advertisement -
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جي آمد تي جشن  عيد ميلاد النبي ملهايو پيو وڃي. عيد ميلاد النبي صليٰ الله عليه وسلم تي فجر جي نماز کانپوءِ وفاقي راڄڌاني ۾ 31 توپن ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ 21- 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. ڏينهن جي شروعات تي ئي مسجدن ۽ گھرن اندر ملڪي ترقي، سلامتي، خوشحالي ۽ امت مسلمه جي اتحاد لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا حيدرآباد، سکر، ميرپور خاص، شهيد بينظير آباد، سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ميلاد جون محفلون سجائي ٻنهي جهانن جي سردار صلى الله عليه وسلم سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي، اڄ سڄي ملڪ ۾ جلوس ريليون پڻ ڪڍيون وينديون. ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف قوم کي عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وآله وسلم جون جون واڌايون پيش ڪيون آهن. صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت طيبه زندگي جي هر شعبي ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿي، حضرت محمد  مصطفى صه قيامت تائين انسانيت لاءِ هدايت جو سرچشمو آهن. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته هن ڏکئي دور ۾ نبي اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جي سيرت کي پڙهڻ ۽ عمل ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، عالم اسلام ۽ پاڪستان هن وقت ڪيترن ئي چيلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن، انهن چيلينجز ۽ ڏکيائين جو حل نبي اڪرم صه جي تعليم تي عمل ڪرڻ ۾ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
44 %
2.1kmh
3 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
31 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون