تازه ترين

سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران مختلف پوسٽن بابت لکت امتحان جا نتيجا جاري

- Advertisement -
سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر بي پي ايس 17 سميت مختلف پوسٽس تي لکت ۾ ورتل  امتحانن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر بي پي ايس 17، انرجي ڊپارٽمينٽ ۾ سروي اينڊ ڊرائنگ آفيسر بي پي ايس 17، جونيئر انسپيڪٽر ڪول مائنز بي پي ايس 17، پروسيڪيوٽنگ انسپيڪٽر بي پي ايس 16 ۽ ھيومن رائٽس ۾ اسسٽنٽ بي پي ايس 16 جي لکت امتحان جا  نتيجا پڌرا ڪيا ويا آھن. اسسٽنٽ سوشل ويلفيئر لاءِ مجموعي طور 176 اميدوار، جونيئر انسپيڪٽر ڪول مائنس لاءِ 20 اميدوار، پراسيڪوٽنگ انسپيڪٽر لاءِ 10 اميدوار ۽ اسسٽنٽ لاءِ 05 اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي. ڄاڻايل پوسٽن جي لکت امتحان جا نتيجا جاري ڪري، ڪاميابي حاصل ڪندڙ اميدوارن کي گھربل ڪاغذ جمع ڪرائڻ جي ھدايت ڪئي وئي آھي، جنھن جي چڪاس کانپوءِ زباني امتحان جو شيڊيول جاري ڪيو ويندو. ايس پي ايس سي پاران جاري ڪيل نتيجن ۾ سموريون آئيني گهرجون عمل ۾ آنديون ويون آھن. جنھن ۾ خاص طور شھري ۽ ٻھراڙي ڪوٽا شامل آھي. اميدوارن کي سندن رول نمبر سميت مارڪس بابت مڪمل ڄاڻ ايس پي ايس جي ويب سائٽ تان پڻ حاصل ٿي سگھي ٿي. ڪامياب اميدوارن جي زباني امتحان کانپوءِ سندن حتمي فھرست جاري ڪري لاڳاپيل کاتي کي مقرري جي سفارش ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
22.3 ° C
22.3 °
22.3 °
43 %
0.3kmh
49 %
اڱارو
31 °
اربع
35 °
خميس
28 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون