تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا وومين ٽيم پاڪستان کي 10 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا پاڪستان کي 10 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ڏکڻ آفريڪا جي 133 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ گرين شرٽس 5 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 122  رنسون ئي ٺاهي سگهي، پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي هوم گرائونڊ تي ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، لورا وولواڊارٽ جي اڳواڻي ۾ مهمان ٽيم 20 اوورن ۾ 4/132 رنسون اسڪور ڪيون، ٽزمين برٽس 5 چوڪن جي مدد سان 56 رنسون اسڪور ڪيون.پاڪستان جي صاديه اقبال 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ندا ڊار 4 اوورن ۾ صرف 11 رنسون ڏنيون، 132 رنسن جي جواب ۾ قومي ٽيم 12.4 اوورن ۾ 47 رنسون ٺاهي سگھي هئي ۽ 5 رانديگرياڻيون آئوٽ ٿي چڪيون هيون، جنهن کانپوءِ  عاليه رياض ۽ ڪپتان فاطمه ثنا وچ ۾ 45 بالن تي 75 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي، عاليه رياض 39 بالن تي 52 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ڪپتان 24 بالن تي 37 رنسون ٺاهيون پر اهي قومي ٽيم کي ميچ نه کٽرائي سگھيون،ڏکڻ آفريڪا جي بيٽر ٽزمين برٽس کي 56 رنسون اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويوٽن ميچن تي ٻڌل ٽي 20 سيريز جا باقي ٻه ميچ به 18 ۽ 20 سيپٽمبر تي ملتان ۾ کيڏيا ويندا.  
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون