سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ٻڌڻي دوران عدالت طرفان سرڪاري وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ٻڌڻي دوران عدالت طرفان سرڪاري وڪيل تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو آهي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته کين معاوضي سان نه پر گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي سان مطلب آهي، ٻڌايو وڃي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪهڙا جوڳا قدم کنيا ويا آهن؟. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ ٻن ڀائرن سميت گم ٿيل 14 ڄڻن جي بازيابي بابت داخل درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار جي وڪيل چيو ته جن گم ٿيل ماڻهن جو کنڀي گم ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي انهن کي معاوضو ڏنو پيو وڃي. سرڪاري وڪيل جي بيان تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪاوڙ جو اظهار  ڪندي چيو آهي ته کين معاوضي سان نه پر گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي سان مطلب آهي. هن چيو ته کين ٻڌايو وڃي ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ڪهڙا جوڳا قدم کنيا ويا آهن؟ عدالت جو چوڻ هو ته ڪيترن ئي ڪيسن جا 24-24 کان وڌيڪ ڀيرا جي آءِ ٽيز اجلاس ٿيا آهن. عدالت جو چوڻ هو ته ايترا جي آءِ ٽيز اجلاس ٿيڻ باوجود گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا نه ڪرڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. عدالت جو چوڻ هو ته نادرا رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻن ڀائرن معاذ ۽ طلحه جو قومي سڃاڻپ ڪارڊ اَن بلاڪ ڪيو ويو آهي. سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته ٻنهي گم ٿيل ڀائرن جي وارثن کي حڪومت طرفان معاوضو ڏنو پيو وڃي. عدالت سينئر وڪيل عبدالستار جي پٽ نور محمد ۽ ڊرائيور قادر جي بازيابيءَ لاءِ پوليس کي تڪڙا قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل نور محمد جي گهر وارن سان هنن ڪيترائي ڀيرا رابطو ڪيو آهي پر اهي سهڪار نه ڪري رهيا آهن. جاچ آفيسر چيو ته وڪيل عبدالستار جو ڊي اين اي سيمپل وٺڻو آهي. عدالت محمودآباد مان گم ٿيل نوجوان جي ماءُ جي وڪيل کان دليل طلب ڪري ورتا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي آءِ جي سنڌ، ڊي جي رينجرز، وفاقي حڪومت ۽ سنڌ حڪومت کان تازيون اڳڀرائي جون رپورٽون طلب ڪري ورتيون. عدالت طرفان ايف آءِ اي کان گم ٿيل ماڻهن  جي سفري هسٽري طلب ڪري ورتي. عدالت وڌيڪ گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن جي ٻڌڻي 22 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.1 ° C
21.1 °
21.1 °
36%
3m/s
0%
جمعو
21 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون