- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ هٿياربندن پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي ڊرائيور کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
سپر هاءِ وي چاڪر هوٽل ويجهو هڪ ڄڻي جو گوليون لڳل لاش هٿ مليو.
هٿ آيل لاش جي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ جي ڊرائيور شاهنواز طور سڃاڻپ ٿي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شاهنواز صبح 7 وڳي ڪم تي وڃڻ لاءِ پنهنجي موٽرسائيڪل تي گهر کان نڪتو.
پوليس موجب، مقتول وٽ پنهنجو لائسنس وارو پسٽل ۽ موٽرسائيڪل هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جتان متقول جو لاش مليو آهي اتي نه سندس پسٽل ۽ نه ئي وري موٽرسائيڪل موجود آهي.
پوليس شڪ ظاهر ڪندي چيو آهي ته مقتول کي ڪنهن ٻئي هنڌ قتل ڪرڻ بعد لاش هتي ڦٽو ڪيو ويو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ جو چوڻ آهي ته شاهنواز سندس پرسنل ۽ پراڻو ڊرائيور هو.
هن چيو ته شاهنواز جو تعلق سانگهڙ سان آهي سندس والد کي به قتل ڪيو ويو هو.
حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته واقعو ڦر مزاحمت تي پيش آيو آهي يا وري دشمني تان ان بابت پوليس جاچ ڪري رهي آهي.
پي ٽي آءِ صدر حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته شروعاتي طور تي واقعو جو سياست سان ڪوبه تعلق نه آهي.- Advertisement -
