عالمي ۽ علاقائي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ آهي:جوبائيڊن

- Advertisement -
آمريڪي صدر جوبائيڊن علاقائي سلامتي لاءِ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي اهم قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته عالمي ۽ علاقائي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ آمريڪا پاڪستان سان گڏ آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب، آمريڪي صدر جوبائيڊن، پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ جي سفارتي سند وصول ڪندي ملاقات ڪئي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين جو اعتراف ڪندي آمريڪي صدر جوبائيڊن خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي اهم قرار ڏنو. آمريڪي صدر جوبائيڊن دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ آمريڪا سهڪار جي ساراهه ڪندي چيو ته ٻئي ملڪ پنهنجي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي خواهش رکن ٿا. آمريڪي صدر جوبائيڊن جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ پاڪستان موسمياتي تبديلين، علاقائي سلامتي جي خطرن ۽ عالمي صحت کي پيش ايندڙ اهم چئلينجن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متحد آهن. پاڪستان جي نئين مقرر سفير رضوان سعيد شيخ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي ڀائيواري پهرين ترجيح آهي، متبادل توانائي، گرين ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ آمريڪي سيڙپڪاري کي ڀليڪار چوندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
23%
2.5m/s
0%
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون