- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ اسيمبليءَ مان ارسا ترميمي ايڪٽ خلاف ٺهراءُ منظور ڪري پنهنجو پختو موقف پيش ڪيو آهي، عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي، سنڌ سرڪار هارين لاءِ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، هو هارين جي مالي مدد لاءِ پرعزم آهن.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لاڙڪاڻي ڊويزن جي صدر ۽ ايم اين اي خورشيد جوڻيجي، شڪارپور جي ميمبر محمد عارف مهر، دادو جي ميمبر عرفان لغاري، ٺٽي جي شيرازي ڀائر شفقت شاهه، رياض شاهه ۽ شاهه حسين شاهه ڌار ڌار ملاقات ڪئي.
چونڊيل نمائندن ملاقات ۾ ترقياتي منصوبن، ٻين عوامي مسئلن ۽ سياسي توڙي سماجي صورتحال بابت وڏي وزير کي آگاهه ڪيو.
وڏي وزير سمورن چونڊيل نمائندن جي تڪن جا مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون.
چونڊيل نمائندن وڏي وزير کي ٽيل اينڊ ۾ زرعي پاڻي جي مسئلن بابت به آگاهه ڪيو.
سيد مراد علي شاهه آبپاشي کاتي کي ٽيل اينڊ پاڻي جا مسئلا حل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.
سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽيءَ سدائين انڊس ڊيلٽا جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي آهي، اسيمبليءَ مان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف ٺهراءُ منظور ڪري پنهنجو پختو ۽ واضح موقف ڏنو.
وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار هارين لاءِ هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، هو هارين جي مالي مدد لاءِ پرعزم آهن.
سيد مراد علي شاهه چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي.- Advertisement -
