- Advertisement -
ميرپورخاص واقعي تي سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار آءِ جي سنڌ سان رابطو ڪيو آهي.
صوبائي گهرو وزير، آءِ جي سنڌ کي واقعي جي اڻڌري جاچ لاءِ ڊي آءِ جي رينڪ جي آفيسر کي نامزد ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
صوبائي گهرو وزير جي هدايتن کانپوءِ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي ميرپور خاص واقعي جو انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي.
صوبائي گهرو وزير ضياءَ لنجار کي هدايت ڪئي ته واقعي بابت تحقيق، ڇنڊڇاڻ ۽ جاچ کي اڻڌريو بڻائيندي هر ممڪن قانوني ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي.- Advertisement -
