سنڌ هائيڪورٽ اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم طور مقرري خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل طارق منصور چيو ته عدالت جي حڪم موجب اسحاق ڊار کي داخل درخواست ۾ ڌر بڻائي رهيا آهن. وڪيل طارق منصور چيو ته پرڏيهي وزير اسحاق ڊار کي نوٽس جاري ڪري جواب طلب ڪيو وڃي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته نائب وزيراعظم پرويز الاهي جي مقرري جو نوٽيفڪيشن ۽ سندس خلاف عدالتي فيصلو ڪٿي آهي؟. وڪيل طارق منصور چيو ته وفاقي ڪابينا کي گزٽ نوٽيفڪيشن لاءِ لکيو ويو آهي، نوٽيفيڪشن ملندي ئي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. عدالت چيو ته دستاويز جمع ڪرائڻ کان اڳ عدالت نوٽيس جاري نه ڪندي. عدالت چيو ته پهرين عدالت کي مطمئن ڪيو پوءِ اڳتي وڌندا. عدالت اسحاق ڊار خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
15%
4m/s
0%
سُومر
28 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون