- Advertisement -
ڄامشورو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، جڏهن ته ستن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪري ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا.
ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو جي اڳواڻي ۾ پوليس، ڪوٽڙي سائيٽ، ڄامشوري، ڪوٽڙي سٽي ۽ ٻڍاپور واري علائقي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون.
پوليس ڪاررواين دوران شروع ڪندي ستن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ ريحان علي برفت، نثار جانوري، عباس انصاري، روشن انصاري، سهيل ٻٻر، ابرار جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن.
پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان ساڍا پنج ڪلو چرس، آئيس، مين پڙي، نشي واريون سوپاريون ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪري ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا.
ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي خاص هدايت تي ضلعي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ضلعي مان منشيات جو مڪمل خاتمو آڻي، سک جو ساھه کڻندا.- Advertisement -
