تازه ترين

زين شاهه ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي اپيل

- Advertisement -
سنڌ يونائيٽيڊپارٽي جي مرڪزي صدر زين شاهه ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار واقعي جو سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺي عدالتي جاچ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي. جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاهه ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار واقعي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي قتل رياستي دهشتگردي جو کليل اظهار آهي، جنهن سان سڄي سنڌ خوف ۾ ورتل آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀار کي پوليس ڪراچي مان گرفتار ڪري ميرپورخاص ۾ ڊيٿ اسڪواڊ جي حوالي ڪري عدالت کان مٿانهون قتل ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته اسلام امن، ڀائپي، رواداري ۽ انصاف جو درس ڏئي ٿو، رياست جي ذميواري آهي ته ملڪ ۾ سڀني رهندڙن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪري. ايس يو پي سربراهه چيو ته هن واقعي سنڌ جي روح کي رنجايو آهي، ان واقعي ۾ ملوث پوليس جي اعليٰ عملدارن پاران جشن ملهايا ويا ۽ کين گلن جا هار پارايا ويا، جيڪا افسوس ۽ شرم جوڳي ڳالهه آهي. سيد زين شاهه چيو ته سنڌ حڪومت طرفان هن واقعي ۾ ملوث پوليس عملدارن کي رڳو معطل ڪرڻ ڪافي ناهي، تنهن ڪري انهن جون نوڪريون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته مذهبي انتهاپسندي کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت سميت عالمن، اديبن، شاعرن ۽ سياسي ڪارڪننن کي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
34 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون