تازه ترين

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊ هارائڻ جي صورت ۾ ٻيهر چونڊون نه وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صدارتي چونڊ هارائڻ جي صورت ۾ ٻيهر چونڊون نه وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي ريپبلڪن پارٽي جي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن هو نومبر ۾ صدارتي چونڊ هارائي ويو ته ٻيهر چونڊ نه وڙهندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي آمريڪي صدر چيو ته جيڪڏهن هو ڪاملا هيرس کان هارائي ويو ته هيءَ سندس آخري اليڪشن هوندي، کيس اميد آهي ته هو ڪامياب ٿي ويندو. ٻئي طرف آمريڪي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدارتي اميدوار ڪاملا هيرس چيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ کي آڪٽوبر ۾ مباحثي جي تجويز کي قبول ڪرڻ گهرجي. ڪاملا هيرس چيو ته سندن وچ ۾ وڌيڪ هڪ مباحثو ٿيڻ گهرجي پر سندس مخالف مباحثي کان بچڻ جا سبب ڳولي رهيو آهي. واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ چئي چڪو آهي ته مباحثي لاءِ هاڻي گهڻي دير ٿي چڪي آهي. ياد رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ 5 نومبر تي ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون