- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جو سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ترميمي آرڊيننس تي خدشن جو اظهار ڪندي ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ بنا شرڪت هليو ويو، جسٽس منظور اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جا سبب خط ذريعي ڪميٽيءَ کي ٻڌايا آهن.
سپريم ڪروٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ تحت ججن واري ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو، ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه ججن واري ڪميٽيءَ ۾ شرڪت کانسواءِ ئي هليو ويو.
هوڏانهن سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس منصور علي شاهه ججن واري ڪميٽيءَ کي خط لکي ڪميٽيءَ ۾ شموليت کان انڪار جا سبب ٻڌائي ڇڏيا آهن.
جسٽس منظور علي شاهه لکيل خط ۾ چيو ته هن سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ترميمي آرڊيننس تحت قائم ڪيل ڪميٽيءَ ۾ شموليت کان انڪار ڪيو.
هن چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ٺاهڻ جو فيصلو فل ڪورٽ جو هو، ان ۾ تبديلي يا ته فل ڪورٽ بئنج يا فل ڪورٽ اجلاس ذريعي ئي ممڪن آهي.
جسٽس منصور علي شاهه خط ۾ چيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ طرفان اڳ واري ڪميٽي بحال ڪرڻ تائين هو اجلاس ۾ شرڪت نٿو ڪري سگهي.
خط ۾ جسٽس منصور علي شاهه چيو ته تڪڙ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر آرڊيننس آندو ويو، سندس خط کي اجلاس جي منٽس جو حصو بڻايو وڃي.- Advertisement -
