- Advertisement -
دادو ۾ عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ توڙي تڪڙو پهچڻ لاءِ قائم ڪيل ڪيو آر ايف جو اھلڪار منشيات ڊيلر نڪتو.
اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ابراھيم پنھور کي گرفتار ڪري هڪ ڪلو کان وڌيڪ چرس هٿ ڪري ورتو.
پوليس موجب، گرفتار منشيات ڊيلر ھوم ڊليوري طور چرس پھچائيندو ھو، ابراھيم پنھور دادو پوليس جي ڪوئڪ ريسپانس فورس ۾ ڪانسٽيبل آھي.
ايس ايس پي دادو جو چوڻ آهي ته ڏوهاري ۽ منشيات وڪرو چاهي وردي ۾ هجي يا بنا وردي قانون سڀني لاءِ برابر آهي، پوليس ۾ موجود ڪارين رڍن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو، گرفتار پوليس اهلڪار کي معطل ڪيو آهي، وڌيڪ کاتي جي انڪوائري بعد ڪاروائي عمل ۾ آندي ويندي.- Advertisement -
