- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف اسرائيلي بربريت جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪندي آهي، هڪ سال دوران 41 هزار فلسطينين کي شهيد ۽ گهر تباهه ڪيا ويا، يهودي فورسز شهرن جا شهر ۽ ٻهراڙيون، اسپتال، اسڪول ۽ بنيادي ڍانچو مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو، وقت اچي ويو آهي ته سڀ گڏ ٿي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪن، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جي جوڙجڪ يقيني بڻائي، آزاد فلسطين کانسواءِ خطي ۾ جٽادار امن قائم نٿو ٿي سگهي.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ فلسطين جي صدر محمود عباس وچ ۾ ملاقات ٿي.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ غزه جي صورتحال سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات بعد فلسطيني صدر سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو فلسطين جي عوام سان مڪمل ٻڌي جو اظهار ڪن ٿا، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ۽ بربريت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن ۽ بربريت جي ڀرپور مذمت ڪن ٿا.
سندس چوڻ هو ته پاڪستاني عوام جي دل فلسطيني ڀائرن سان گڏ ڌڙڪندي آهي، يهودي فورسز شهرن جا شهر ۽ ٻهراڙيون، اسپتال، اسڪول ۽ بنيادي ڍانچو مڪمل تباهه ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته تاريخ ڪڏهن اهڙي تباهي ناهي ڏٺي جيڪا فلسطين سان ڪئي وئي، وقت اچي ويو آهي ته سڀ گڏ ٿي غزه ۾ جنگبندي جو مطالبو ڪن، عالمي دنيا فلسطين جي آزاد رياست جي جوڙجڪ يقيني بڻائي.
هن چيو ته آزاد فلسطين کانسواءِ خطي ۾ جٽادار امن قائم نٿو ٿي سگهي، فلسطين جي معاملي کي ڊيگهه ڏني وئي، دنيا جو امن تباهه ٿي سگهي ٿو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته فلسطيني ڀائرن جون قربانيون، صبر ۽ استقامت رائيگان نه ڏيندي، وقت ايندو آزاد فلسطين جو قيام ٿيندو.
فلسطين جي صدر محمود عباس چيو ته پاڪستان شروعاتي دور 1948ع کان فلسطين سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان کان جيترو ممڪن ٿيو، فلسطيني ڀائرن جي مدد ڪئي، عالمي برادري اڳيان به پاڪستان هميشه فلسطين جي حمايت ڪئي آهي.- Advertisement -
