تازه ترين

جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر  جي وارثن ڪيس داخل ڪرڻ ايف آءِ آر  جو متن سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪرائيندي نئين جوڙيل جاچ ٽيم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو

- Advertisement -
جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيل ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر  جي وارثن ڪيس داخل ڪرڻ ايف آءِ آر  جو متن سنڌڙي ٿاڻي تي داخل ڪرائيندي نئين جوڙيل جاچ ٽيم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي جعلي مقابلي ۾ مارڻ جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ مقتول جي سالي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر وڪيلن جي صلاح سان ايف آءِ آر جو متن سنڌڙي ٿاڻي تي جمع ڪرايو. حد جي پوليس پاران ايف آءِ آر جو متن منظوري لاءِ اعلي اختيارين کي موڪليو ويو آهي. مقتول ڊاڪٽر جي قتل  ڪيس واري متن ۾ سامارو جي مولوي عمر جان سرھندي کي ماڻھن کي ڀڙڪائڻ ۽ ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ لاءِ راضي ڪرڻ واري جوابدار طور کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي، ايس ايس پي عمرڪوٽ آصف رضا بلوچ، ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چودري، سي آءِ اي عملدار عنايت زرداري، ھدايت الله ناريجو، نادر، فرمان کي جوابدار طور نامزد ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ سنڌڙي جي ايس ايڇ او نياز کوسو،  سپاھي لکمير ۽ ٻين کي جوابدار ڄاڻايو ويو ايف آءِ آر لاءِ ڏنل متن ۾ سوشل ميڊيا ذريعي ماڻھن کي ڀڙڪائيندڙ صحافين، پوليس اھلڪارن ۽ ٻين ماڻھن کي بھ شامل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر لاءِ ڏنل متن ۾ ڊاڪٽر شاھنواز جي لاش کي ساڙيندڙ ۽ سندس تدفين ۾ رڪاوٽون وجھندڙن 34 ڄڻن کي بھ شامل ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي  وڪيل سجاد چانڊيو ۽ اسد الله شاھ راشدي چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز جي جسم تي سخت تشدد ٿيل ھو،  جيڪي ثبوت مٽائڻ لاءِ ھڪ پلاننگ تحت ڊاڪٽر جي لاش کي ساڙيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
6 %
6.5kmh
0 %
سُومر
29 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °

تازه ترين خبرون