- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ پبلڪ لائبريرين، اسپتالن ۽ اسڪولن جي زبون حالي بابت ثقافت کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز، ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين جي پيش ڪيل رپورٽن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
پبلڪ لائبريرين، اسپتالن ۽ اسڪولن جي زبون حالي بابت درخواستن تي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ثقافت کاتي ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهرو فيروز، ڊي سي گهوٽڪي ۽ ٻين پاران پيش ڪيل رپورٽن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
جواب جمع نه ڪرائڻ تي عدالت حڪم ڏيندي چيو ته ڇو نه ڊي سي گهوٽڪي خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.
جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته اسڪول جي ڇت ڪري پئي ته ٺيڪيدار، انجنيئر خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو آهي.
هن چيو ته هاڻي ايف آءِ آر لاڳاپيل ڊپٽي ڪمشنر خلاف داخل ڪئي ويندي.
جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته ثقافت کاتي وٽ صوبي ۾ 32 لائبريريون آهن، جن مان صرف 23 فعال آهن.- Advertisement -
