آءِ سي سي وومينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ اڄ کان گڏيل عرب امارات ۾ شروع ٿيندو.
ميگا ايونٽ جي پهرين ميچ بنگلاديش ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ کيڏي ويندي.
وومينز ٽي ٽوئنٽي جو ميگا ايونٽ عرب امارات ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ افتتاحي واري ڏينهن 2 ميچون کيڏيون وينديون.
پاڪستان ٽيم ايشين چئمپينز سريلنڪا سان مقابلو ڪندي، ميگا ايونٽ ۾ شريڪ قومي ٽيم شارجا ۾ ڀرپور ٽريننگ ڪئي.
قومي ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثنا جو چوڻ آهي ته مقابلو ايشين چئمپين شپ سان آهي، تياري سٺي آهي، مقابلو سٺو ٿيندو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ميچ پاڪستاني وقت موجب رات ستين وڳي شروع ٿيندي، جڏهن ته افتتاح واري ڏينهن پهرين ميچ بنگلاديش ۽ اسڪاٽ لينڊ وچ ۾ منجهند ٽين وڳي کيڏي ويندي.
