تازه ترين

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شيعا تنظيمن طرفان فلسطين ۽ لبنان تي اسرائيلي حملي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ شيعا تنظيمن طرفان فلسطين ۽ لبنان تي اسرائيلي حملي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. قمبر ۾ ملت جعفريا طرفان رياض حسين شاهه نقوي، صابر حسين وڌو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي وئي. ميرو خان ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل طرفان صدام حسين ٻاراچ،صابر حسين وڌو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾  ريلي ڪڍي وئي. ڪنڌرا ۾ مير غلام صادق ٽالپر، رياض حسين، عاشق حسين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. نصير آباد ۾ مولانا علي حسن جتوئي،  اختر حسين، محمد ملوڪ لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. شهدادڪوٽ ۾ شيعا تنظيمن طرفان درٻار مصطفيٰ امام بارگاهه کان حسن علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو. قبي سعيد خان ۾ خادم حسين جاگيراڻي،  سيد سبحان علي شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڏوڪري ۾ شيعا علماءَ ڪائونسل جي مرڪزي سڏ تي ذاڪر حسين ٻگهيو،  عرفان حيدر،  ارشاد ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو. ٺري ميرواهه ۾ اسرائيل جي فلسطين ۽ لبنان تي حملي خلاف  فاضل راهو چوڪ کان ريلي ڪڍي وئي. سرهاڙي ۾ مجلس وحدت المسلمين طرفان باقر حسين زرداري،  مير مقبول زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي. پير وسڻ ۾  شيعا علماءَ ڪائونسل طرفان مولانا گدا حسين حاجاڻي،  مولوي اڪرم الله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. فريد آباد ۾ پيام ثقلين طرفان زاهد حسين،  رستم فقير، احسان ڇٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته اسرائيل فلسطين ۽ لبنان تي بيگناهه حملا ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هنن چيو ته عالمي برادري فلسطيني ۽ لبناني شهرين مٿان بمباري تي خاموش تماشائي بڻجي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
50 %
2.1kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون