تازه ترين

اتر وزيرستان جي علائقي سپن وام ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ شهيد پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 6 جوان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا

- Advertisement -
اتر وزيرستان جي علائقي سپن وام ۾ دهشتگردن سان ويڙهه ۾ شهيد پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل سميت 6 جوان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سمورن شهيدن کي پنهنجي اباڻن علائقن ۾ مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، آخري رسمن ۾ پاڪ فوج جي سينيئر حاضر سروس آفيسرن، فوجي  جوانن ۽ وارثن سميت شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد علي شوڪت، لانس نائيڪ محمد الله، لانس نائيڪ اختر زمان، لانس نائيڪ شاهد الله، لانس نائيڪ يوسف علي ۽ سپاهي جميل احمد شامل آهن. آءِ ايس پي آر موجب، شهيدن جون قربانيون دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سندن عزم کي مضبوط ڪري رهيون آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون