- Advertisement -
خيرپور پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
بھارو ٿاڻي جي حد محبوب ڪلھوڙو لنڪ روڊ ڏوهه جي نيت سان بيٺل ڏوهارين ۽ پوليس ۾ مقابلو ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته سندس 5 ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ مير محمد شيخ طور ٿي، سندس قبضي مان رپيٽر ۽ ڪارتوس هٿ ڪيا ويا.
پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري ڀنگ خاطر اغوا ۽ ڦر سميت ٻين ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل هو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جڏهن ت فرار ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي.- Advertisement -
