بلاول ڀٽو زرداري جي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات،آئيني ترميم تي اتفاق نه ٿي سگهيو

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رات دير سان مولانا فضل الرحمان سان سندس رهائشگاهه تي پهچي ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ آئيني ترميم تي اتفاق نه ٿي سگهيو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري رات دير سان مولانا فضل الرحمان جي گهر پهچي ساڻس ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ ملاقات جاري رهي، آئيني ترميم ۽ سياسي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان کي چيو ته خواهش هئي ته اهي ان ترميم تي سندن حمايت ڪن ها. جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي قائد سان صلاح مشوري لاءِ وقت گهريو آهي، ترميم لاءِ حڪومت جو طريقيڪار درست نه آهي. ملاقات دوران نويد قمر، مرتضى وهاب ۽ جميل سومرو بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ هئا. ملاقات کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان جي گهر کان واپس روانو ٿي ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
35%
4.1m/s
16%
اڱارو
28 °
اربع
32 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون