- Advertisement -
ميرپورخاص ۾ تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.
پراڻي ميرپور ٿاڻي جي حد حيدرآباد روڊ تي تيز رفتار مسافر ڪوچ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ ٽنڊوالهيار واسي رميش عرف صوف اوڏ ۽ سندس سالو دلاور اوڏ موقعي تي ئي فوت ٿي ويا.
اطلاع تي پوليس پھچي ٻنھي فوتين جا لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، واقعي بعد ڊرائيور ڪوچ ڇڏي فرار ٿي ويو، پوليس مسافر ڪوچ کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ٻنھي فوتين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.- Advertisement -
