- Advertisement -
بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جو سربراهه سردار اختر مينگل دبئي کان اسلام آباد پهچي ويو، ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار اختر مينگل پارٽي جي مرڪزي قيادت جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ آئيني ترميم واري معاملي بابت غور ويچار ڪيو ويندو.
بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جو سربراهه سردار اختر مينگل دبئي کان اسلام آباد پهچي ويو.
ان موقعي تي بي اين پي جو مرڪزي سينيئر نائب صدر ايڊووڪيٽ ساجد ترين، مرڪزي نائب صدر پرنس آغا موسيٰ جان بلوچ، سردار اسد الله مينگل، احمد نواز بلوچ ۽ ٻيا به موجود هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سردار اختر مينگل پارٽي جي مرڪزي قيادت جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اجلاس ۾ آئيني ترميم واري معاملي بابت غور ويچار ڪيو ويندو.
واضح رهي ته بلوچستان نيشنل پارٽي مينگل جو سربراهه سردار اختر مينگل پارليامينٽ جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ بعد خاموشيءَ سان دبئي روانو ٿي ويو هو.- Advertisement -
