تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي ۾ تڪرار، ٻنهي آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو

- Advertisement -
اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر تي حملي کانپوءِ ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ايس ايس پي حفيظ الرحمان بگٽي ۾ شروع ٿيل ڇڪتاڻ پڄاڻي تي پهچي وئي، ٻنهي پوليس آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو . ڊي آءِ جي پير محمد شاهه کي سروس جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪو آرڊينيشن ڊپارٽمينٽ ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي حفيظ الرحمان بگٽي کي سينٽرل پوليس آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب کي سکر رينج  جي اضافي چارج ڏني وئي جڏهن ته گھوٽڪي ضلعي جي اضافي چارج ايس ايس خيرپور سميع الله سومرو کي ڏني وئي آهي. ڊي آءِ جي پير محمد شاهه طرفان لکيل خط جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي جنهن جو سربراهه ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي عمران يعقوب منهاس هوندو. ڊي آءِ جي ڪرائم اينڊ انويسٽيگيشن عامر فاروقي ۽ ڊي آءِجي فنانس تنوير عالم اوڍو ڪميٽي ميمبر هوندا. ڪميٽي ايس ايس پي گھوٽڪي طرفان ميڊيا ٽاڪ ۾ لڳايل الزامن جي جاچ ڪندي. اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر تي حملي جي حوالي سان ڊي آءِ ۽ ايس ايس پي جي طرز عمل جو به جائزو ورتو ويندو. گھوٽڪي ۾ جاري آپريشن جي حوالي سان ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي وچ ۾ ورڪنگ ريليشن شپ ۽ اختلافن جو به پتو لڳايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون