- Advertisement -
پاڪستان نيو ڪليئر هٿيارن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون چيو آهي ته نئين اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جو جوهري صلاحيتن سان انضمام عالمي سلامتي لاءِ وڌيڪ مونجهارا ڪري رهيو آهي.
گڏيل قومن ۾ نيو ڪليئر هٿيارن بابت فرسٽ ڪميٽي جي بحث دوران ڏنل بيان ۾ عثمان جدون چيو ته جوهري هٿيارن جي خاتمي ۽ ان جي جائز سببن کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي، جنهن ڪري رياستون ان هٿيارن کي حاصل ڪن ٿيون.
هن وڌيڪ چيو ته وڏن فوجي خطرا، غير حل ٿيل تڪرار، اثرائتي سڪيورٽي سسٽم نه هجڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تي عمل نه ڪرڻ اُهي عنصر آهن جيڪي رياستن کي ايٽمي هٿيارن ڏانهن وٺي وڃن ٿا.
عثمان جدون ڀارت جو مثال ڏيندي چيو ته ڀارت ڏکڻ ايشيا ۾ جوهري هٿيار متعارف ڪرايا، ڀارت والاريل ڪشمير جي حوالي سان گڏيل قومن جي ٺهرائن تي عمل نه ڪري رهيو آهي.
پاڪستان جي نائب سفير جو چوڻ هو ته فزائل مٽيريل ڪٽ آف ٽريٽي جي موجوده پاليسي کي اڳتي وڌائڻ جو وقت گذري چڪو آهي.
پاڪستان زور ڏنو ته جيستائين جوهري هٿيارن جو خاتمو نه ٿو ٿئي، غير جوهري رياستن کي جوهري هٿيارن جي استعمال يا ان جي خطرن کان تحفظ ڏيڻ لاءِ هڪ قانوني معاهدو تيار ڪرڻ انتهائي اهم آهي.- Advertisement -
