سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ 26هين آئيني ترميم چئلينج

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ  ۾ 26هين آئيني ترميم کي چئلينج ڪيو ويو آهي، داخل درخواست ۾ 26 هين آئيني ترميم کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي. درخواستگذار داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته  26هين آئيني ترميم جيڪا تازو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ڪئي وئي اهي تنهن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. شهري 26هين آئيني ترميم خلاف داخل درخواست ۾ چيو آهي ته پارليامينٽ کي عدالتي معاملن تي تجويزون ڏيڻ جو اختيار ناهي. داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 26هين آئيني ترميم منظور ڪري عدليه جي آزادي ۽ قانون جي حڪمراني جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آئيني ترميم جي شق 8، 11 ۽ 14 کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. درخواست ۾ سيڪريٽري ڪابينا ڊويزن، قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن جي سيڪريٽري ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي. گذريل مهيني کان حڪمران اتحاد پارليامينٽ ۾ سياسي پارٽين جي لابنگ ۾ مصروف آهي آئيني ترميمن جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي عدليه تي ڌيان ڏين. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ان دوران ڪيترن ئي ڏينهن تائين جاري صلاح مشورن ۾ مخالف ڌر خاص طور تي مولانا فضل الرحمان پاران جشن ملهائڻ جو سلسلو جاري رهيو ۽ حڪومت ڪوششن باوجود ايوان مان ترميمون منظور نه ڪرائي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
49%
4.3m/s
1%
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
28 °

تازه ترين خبرون