- Advertisement -
لبنان جي مزاحمتي تنظيم حزب الله حسن نصرالله جي امڪاني جانشين هاشم صفي الدين جي شهادت جي تصديق ڪئي آهي.
حزب الله موجب هاشم صفي الدين اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيو هو.
هاشم صفي الدين کي حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله جي شهادت بعد سندس جانشين سمجهيو پئي وئي.
اڱاري ڏينهن اسرائيلي فوج حزب جي وقتي سربراهه هاشم صفي الدين کي شهيد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.
اسرائيلي فوج جو چوڻ هو ته هاشم صفي الدين کي ٽي هفتا اڳ بيروت تي حملي ۾ نشانو بڻايو ويو هو، هاشم صفي الدين حسن نصرت الله جو ڪزن هو.- Advertisement -
