- Advertisement -
گلگت بلتستان جو 77هون جشن آزادي جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، جڏهن ته آزادي جي ڏهاڙي تي گلگت بلتستان ۾ عام موڪل آهي.
جشن آزادي جون خصوصي تقريبون ڪوٺايون پيون وڃن، شهيدن جي يادگار چنارباغ ۾ مک تقريب ٿي.
تقريب ۾ گورنر گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه، وڏي وزير حاجي گلبر خان ۽ فورس ڪمانڊر گلگت بلتستان جهنڊو ڦڙڪايو.
تقريب ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، آءِ جي پوليس سميت ٻين شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي شهيدن جي يادگار تي گل رکيا پيا ۽ پوليس جي دستي پاران سلامي ڏني وئي.
تقريب کي خطاب ڪندي گورنر گلگت بلتستان سيد مهدي شاهه چيو ته سندن وڏڙن عظيم قربانيون ڏئي هن خطي کي ڊوگر راج کان آزاد ڪرايو هو، شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪن ٿا، هو ملڪ جي حفاظت لاءِ ڪنهن به قسم جي قرباني کان نه ڪيٻائيندا.
آرمي هيلي پيڊ ۾ به جشن آزادي جي تقريب ڪوٺائي وئي.
تقريب ۾ اعليٰ سول ۽ فوجي اختيارين شرڪت ڪئي……..- Advertisement -
