- Advertisement -
نوشهروفيروز پوليس طرفان هڪ رات ۾ چئن ٿاڻن جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
نوشهروفيروز ضلعي اندر چئن ٿاڻن جي حدن ۾ ڌار ڌار پوليس مقابلن دوران 4 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
درس ٿاڻي جي حد مناهي لنڪ روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ ذاڪر شر عرف ڪاڪن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڀرياسٽي ٿاڻي جي پوليس منگو لنڪ روڊ تي مبينا مقابلي ۾ قلندر لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو.
نوشهروفيروز ٿاڻي جي حد ۾ ڦل موري لنڪ روڊ تي مبينا پوليس مقابلي ۾ علي گوهر لاشاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
ڪنڊيارو ٿاڻي جي حد شھمير ديرو لنڪ روڊ تي پوليس ۽ جوابدارن وچ ۾ مبينا مقابلي بعد شير محمد ابڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو .
پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس مقابلن دوران 13 ڏوهاري فرار ٿي ويا.
پوليس موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان هٿيار ۽ موٽرسائڪلون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن.
ايس ايس پي نوشهروفيروز ترجمان موجب زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل سمورن ڏوهارين خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آھن.- Advertisement -
