تازه ترين

ڪرسٽل ۽ آئس جو نشو وڏو چئلينج آهي جيڪو يوسي سطح تائين پهچي چڪو آهي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪرسٽل ۽ آئس جو نشو وڏو چئلينج آهي جيڪو يوسي سطح تائين پهچي چڪو آهي، منشيات جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، منشيات کان بچائڻ لاءِ والدين کي پنهنجي ٻارڙن تي نظر رکڻ گهرجي، منشيات جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لياري جي ايم پي اي ٻڌايو ته هڪ هنڌ اسپتال آهي، اتي منشيات به هلي پئي، هو اسيمبلي اجلاس بعد ايم پي اي سان گڏ پاڻ وڃي ڪارروائي ڪندو. سندس چوڻ هو ته ڪرسٽل ۽ آئس جي خاتمي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، منشيات جتي وڪرو ٿي رهي آهي، اتان جي نشاندهي ڪئي وڃي، پوليس، رينجرز ۽ اي اين ايف کي ٻڌايو ته هن هنڌ منشيات هلي رهي آهي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ اسيمبلي مان نارڪو ٽيڪس جو قانون پاس ڪيو ويو آهي، اڃا تائين پنجاب به اهڙو قانون پاس ناهي ڪيو، قانون پاس ڪرڻ مخالف ڌر ۽ ميڊيا ساٿ ڏنو، هي ملڪ ۽ صوبو سندن جو آهي، سڀ منشيات خلاف ڪردار ادا ڪندا………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
34.2 ° C
34.2 °
34.2 °
3 %
9.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون